ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون واري علائقي ۾ هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، اختيارين باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته 10 فائر برگيڊ گاڏيون ۽ 2 اسنارڪل باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.آفيسرن موجب، ڪارخانو پلاسٽڪ جون شيون تيار ڪري ٿو.چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ جام جي ڪري فائر برگيڊ گاڏين کي فيڪٽري تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻئي طرف، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ملير ۽ ايس پي ٽريفڪ کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جو حڪم ڏنو. ترجمان چيو ته آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي بروقت پهچ لاءِ رستو صاف رکيو وڃي ۽ متاثر ٿيل فيڪٽري ۽ آس پاس جي علائقن کي محفوظ بڻايو وڃي.










