ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس خلاف اپيلون: نوازشريف پيش،ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نوازشريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو جتي ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه نيب ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي نوازشريف جي اپيلن تي 27 نومبر تي دليل طلب ڪري ورتا.رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل خصوصي بينچ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي،نوازشريف جا وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان هڪ سيڪوئنس تيار ڪيو آهي اسان پهريان ايون فيلڊ ريفرنس جي اپيل تي دليل ڏينداسين هڪ ڪيس ايون فيلڊ ٻيون العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس آهي.چيف جسٽس پڇيو ته اوهان کي ڪيترو وقت گهرجي دليلن جي لاءِ؟ جنهن تي امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته شريڪ جوابدارن جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ فيصلو اچي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ شريڪ جوابدارن جي بريت جي فيصلي کي چيلينج نه ڪيو ويو آهي، بريت جو فيصلو چيلينج نه ٿيڻ سبب اهو حتمي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مان مريم نواز جي اپيل ٻڌي چڪو آهيان. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب نوازشريف جي سزا معطلي جي درخواست ٻڌي چڪو آهي. العزيزيه ۾ صرف سزا معطلي جو معاملو ڏٺو هو، اوهان ڪجهه وقت جي لاءِ العزيزيه کي وساري ڇڏيو، ايون فيلڊ ۾ اوهان کي 6 کان 8 ڪلاڪ دليلن جي لاءِ کپندا. چيف جسٽس نيب کان به پڇيو ته نيب کي ڪيترو وقت گهرجي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان جا دليل اڌ ڪلاڪ جا هوندا. اسان کي صرف قانوني نڪتا سامهون رکڻا آهن. چيف جسٽس چيو ته اسان اڌ ڪلاڪ کان 2 ڪلاڪ ٿا ڪري ڇڏيون. اسان ايندڙ سومر تي ٻڌڻي رکون ٿا اوهان جي ضرورت پئي ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪنداسين. اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي، اسان جي استدعا آهي ته اپيلن تي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. رڪارڊ جي ڳالهه آهي، عدالت جو هڪ منٽ به ضايع نه ڪنداسين. عدالت چيو ته اسان سومر تي ٻڌڻي رکون ٿا، مون کي ياد آهي ته اوهان دليلن جي شروعات پاناما فيصلي کان ڪيو هو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇيو ته اوهان نوازشريف جي نمائندگي ڪندو ان تي امجد پرويز چيو ته مان عدالت جي مدد ڪندس، اعظم نذير تارڙ چيو ته امجد پهرين ڏينهن کان اهو ڪيس ڪري رهيو آهي. پهريان خواجه حارث گڏ هو ان کان اسان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.چيف جسٽس چيو ته ايون فيلڊ ڪيس جي شروعاتي اپيلن جو فيصلو ڪندڙ بينچ ڪو ٻيو هو ان تي اعظم نذير تارڙ چيو ته اهي اپيلون جزوي طور تي ٻڌيون ويون. چيف جسٽس چيو ته العزيزيه ريفرنس اپيل ۾ هن کان پهرين بينچ ۾ ٻيا جج موجود هئا ته ان ڪيس جي حد تائين ٻيو بينچ جوڙيو وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان ته ٻه رڪني بينچز ۾ بينچ جي سربراهه کي ئي ڏٺو آهي جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته 2 رڪني بينچ جي جوڙجڪ جو هڪ ئي مقصد هوندو آهي.جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي نوازشريف جي اپيلن تي 27 نومبر تي دليل طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي کان پوءِ نوازشريف هاءِ ڪورٽ مان روانو ٿيو ته هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران(ن) ليگي ڪارڪنن نوازشريف جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو