ايون فيلڊ ريفرنس سزا ڪلعدم، نواز شريف باعزت بري

اسلام آباد(بيوورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطل ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف جي نيب ريفرنسز ۾ خلاف اپيلن تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ، عدالت پاران ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي، نيب فليگ شپ ريفرنس ۾ به نوازشريف جي بريت خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو