ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ اسٽي آرڊر برقرار

ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ اسٽي آرڊر برقرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ٻيهر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،چيف جسٽس عقيل عباسي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران به جواب جمع ڪرايو ويو، ڪجهه وڌيڪ شاگردن به پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف وڌيڪ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون، ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي،عدالت ڪيس ۾ اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٻڌڻي 26 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان شاگرد عدالت آڏو گڏ ٿي ويا، شاگردن چيو ته ڊائو يونيورسٽي پاران 10 سيپٽمبر تي ڪرايل ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيو هو، حيرت جي ڳالهه آهي ته 19 نومبر تي ٻيهر ڪرايل ٽيسٽ جو پيپر به ليڪ ٿي ويو، پيپر ليڪ ڪرائيندڙ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو