ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو ٻن سالن لاءِ صحيح قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نومبر 2022 جي ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن کي ٻن سالن لاءِ صحيح قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فيصلو جاري ڪيو.درخواستگذار طرفان وڪيل خليق الرحمان سيفي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت چيو آهي ته نومبر 2022 جي ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو نومبر 2024 تائين قابل قبول آهي، درخواستگذار لائبا رئوف نومبر 2022 ۾ ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪيو، جڏهن ته درخواستگذار طرفان ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪيو ويو، ان وقت نتيجو 2 سالن لاءِ صحيح آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار پي ايم ڊي سي جي 14 جولاءِ 2023 جي پبلڪ نوٽيس کي چئلينج ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته 2021 جي ضابطن موجب نومبر 2022 جي ايم ڊي سي اي ٽي جا نتيجا 2 سالن لاءِ صحيح آهن، بعد ۾ انتظامي فيصلي ذريعي درخواستگذار کان اهو حق واپس نه ٿو وٺي سگهجي.فيصلي ۾ عدالت چيو ته درخواستگذار جي ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو نومبر 2022 کان نومبر 2024 تائين صحيح هوندو، درخواستگذار جي ڪيس ۾ ٿيندڙ خرچ به پي ايم ڊي سي ادا ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو