اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ وڪيلن ايمان مزاري ۽ علي وزير کي جلد پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي.ايمان مزاري ۽ علي وزير خلاف بغاوت، ڌمڪيون ۽ ڀڙڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.وڪيل صفائي زينب جنجوعا چيو ته ايمان مزاري جي ماءُ کي به ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.اي ٽي سي جج چيو ته قانون موجب ماءُ جي عيادت جي درخواست تي غور ڪيو وڃي.وڪيل زينب جنجوعه چيو ته ايمان مزاري کي جلد عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.جج چيو ته پوليس کي جوابدارن کي پيش ڪرڻو آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪيس ناهي.ٻڌڻي ايمان مزاري ۽ علي وزير کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين ملتوي ڪئي وئي.
