اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي اسلام آباد مان ڪڍڻ ۽ 20 آگسٽ کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ايمان مزاري جي ڪيسن جا تفصيل ۽ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران گهرو وزارت جا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ايمان مزاري خلاف صوبن ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا آهن؟ جنهن تي گهرو وزارت جي اختيارين چيو ته ايمان مزاري خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وفاق اهڙن معاملن ۾ صوبن کي حڪم نٿو ڏئي سگهي.اختيارين جي جواب تي جسٽس ميان گل حسن چيو ته ڪيئن پيا ڳالهايو؟ اسان صرف معلومات لاء پڇيو آهي.ان دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته دير ٿي رهي آهي ڪجهه دير جو حڪم ڏنو وڃي.ايمان مزاري جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته خدشو آهي ته کيس ٻيهر اڊيالا جيل مان گرفتار ڪيو ويندو.بعد ۾ عدالت ايمان مزاري کي اسلام آباد مان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ ۽ 20 آگسٽ کانپوءِ ڪنهن به واقعي ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ به واڌ ڪري ڇڏي.عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته ايمان مزاري کي اسلام آباد مان ٻاهر نه آندو وڃي.عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ايمان مزاري خلاف ڪيسن جا تفصيل صوبن کان وٺي ۽ سومر تائين عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.
