ايمان ۽ وزير 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير ۽ ايمان مزاري کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.علي وزير کي منهن تي ڪپڙو ڍڪي عدالت ۾ آندو ويو، علي وزير روسٽرم تي آيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته جلسي ۾ ڪجهه به غلط ناهي چيو ويو، اسان چيو ته اسان پنهنجو پيغام اسلام آباد پهچائڻ چاهيون ٿا.اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير غلطيءَ سان دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج کي اسپيڪر چئي ڇڏيو، جنهن تي جج ابوالحسنات چيو ته ڪو مسئلو ناهي.مان به ٻڌي رهيو آهيان، توهان اسپيڪر چئي سگهو ٿا، ملڪ آهي ته اسان هي، اسان جو ملڪ ايترو پيارو آهي.پراسيڪيوٽر راجا نويد عدالت ۾ چيو ته ايمان مزاري ۽ علي وزير ذريعي شريڪ جوابدارن تائين به پهچون، جنهن تي ايمان مزاري جي وڪيل چيو ته سوال اهو آهي ته ايمان مزاري خلاف اڃا تائين ثبوت ڇو سامهون نه آيا؟ فوٽوگرافي ٽيسٽ يا وائس ميچنگ ٽيسٽ اڃا تائين ڇو نه ورتي وئي آهي؟ وڪيل چيو ته ايمان مزاري جي تقرير سوشل ميڊيا تي آهي، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل به پوليس وٽ آهن، ايمان مزاري کي حراست ۾ رکڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟ اهي ايمان مزاري کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، پوليس شايد وساري چڪي آهي ته گهر ۾ مائرون ۽ ڀينرون آهن. ايمان مزاري جي قانوني ٽيم جوابدارن سان ملاقات لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان اجازت گهري ورتي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن ايمان مزاري بيهوش ٿي وئي هئي، پوليس اسٽيشن ۾ ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي، تنهن ڪري ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.پراسيڪيوٽر راجا نويد ٻنهي جي 10، 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3، 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو