ايل اين ڪيس، عباسي پيش، غير حاضر جوابدارن کي نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ غير حاضر جوابدارن کي ٻيهر طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ٿيو.وڪيل محفوظ ظفرالله چيو ته سپريم ڪورٽ بحال ٿيل ڪيسن جو حتمي فيصلو روڪي ڇڏيو آهي.احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو