اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.رپورٽ موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان 25 ڪروڙ ڊالر جي رقم حڪومت کي انفرااسٽرڪچر ۾ پائيدار سرمائيڪاري ۾ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. فنڊز سان حڪومت کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي خدمتن ۾ مدد ملندي.ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اي ڊي بي حڪومت پاڪستان جي اصلاحات ۾ مدد ڪري رهيو آهي. نجي سرمائيڪاري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي راغب ڪرڻ سان حڪومت کي سرڪاري شعبي ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ خلا کي پُر ڪرڻ ۾ مدد ملندي.جاري ڪيل پڌائي موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ معاشي ترقي جي لاءِ حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروگرام کي هٿي ڏئي رهيو آهي. اهو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سرڪاري مينجمينٽ پروگرام جو حصو آهي.گذريل مهيني ايشيائي ترقياتي بينڪ جي 57هين سالياني اجلاس جي موقعي تي اي ڊي پي جي پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ بي چيو هو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان جي مدد آءِ ايم ايف کان ڪلين چٽ ملڻ کان پوءِ ئي ممڪن آهي.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ