ايران خلاف جارحيت عالمي قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي

ايران خلاف جارحيت عالمي قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته برادر اسلامي ملڪ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا رياستي خودمختياري تي سڌو حملو، عالمي قانون، سفارتي قدرن، گڏيل قومن جي منشور جي سراسر ڀڃڪڙي آهن. هن وقت جيڪڏهن آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت کي لغام نه ڏنو ويو ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي جهڙا منظر ڏسڻ لا تيار ٿي وڃي.ايران جي روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي ۽ سندس گهر ڀاتين جي شهادت رڳو هڪ سياسي واقعو نه، پر عالمي نظام جي ناڪامي جو کليل اعلان آهي. عالمي شيطان آمريڪا ۽ اسرائيل پاران برادر ملڪ ايران مٿان ننگي جارحيت سان دنيا جو امن تباهه ۽ عالمي جنگ شروع ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ٽرمپ پاران ايران مٿان حملي جو ڪارڻ خطي ۾ استحڪام ۽ پنهنجي اتحادي اسرائيل جي حفاظت ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي، پر دراصل هي جنگ اُمت جي وسيلن تي قبضو ۽ ”گريٽر اسرائيل“ قائم ڪرڻ واري ناپاڪ منصوبي جو حصو آهي، مسلم حڪمرانن جيڪڏهن هاڻي به امريڪي چمچاخوري ۽ بزدلي جو مظاهرو جاري رکيو ته پو اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن انهن جو وارو به ايندو. شاه فيصل، صدرصدام حسين، ڪرنل قذافي ۽ هاڻي آيت الله خامنائي جي شهادت نااهل حڪمرانن جون اکيون کولڻ لا ڪافي آهي.پاڪستاني حڪمران ٽولو ۽ مقتدر قوتون ملڪ ۾ عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي دٻائڻ لا گوليون هلائڻ بدران برادر اسلامي ملڪ ايران جو ساٿ ڏين. ايران تي حملا ۽ ان جي قيادت جي شهادت خطي کي نئين بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن باهه کي فوري طور تي نه وسايو ويو ته ان جا شعلا پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس عامله جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ دعوتي، تنظيمي، سياسي صورتحال ۽ سيالياني ڪارڪردگي رپورٽ جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته آمريڪي سامراج جي ننگي جارحيت ويتنام کان عراق، افغانستان، ڪيوبا، وينزويلا، سوڊان، صوماليا، ليبيا کان ويندي ايران تائين هر ڀيري انسانيت جي تباهي ۽ ملڪن جي بربادي کان سوا دنيا کي ڪجهه به ناهي ڏنو. آمريڪي شيطان پاران ايران مٿان بنا سبب جنگ شروع ڪرڻ سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته دنيا ۾ عالمي قانون، ضابطا ۽ اصول سڀ ڪجهه طاقت سامهون بيوس بڻيل آهن. وچ اوڀر اڳ ۾ ئي عدم استحڪام، پراڪسي جنگين ۽ سياسي بحرانن جو شڪار آهي۔ ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائليي جارحيت سان نه صرف سمورو خطو، پر سڄي دنيا وڌيڪ غير يقيني، پرتشدد ۽ خطرناڪ دور ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا کي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ايران خلاف جنگ بند نه ڪئي وئي ته پوءِ جنگ جا پاڇا رڳو وچ اوڀر تي نه، پر سڄي دنيا تائين پکڙجي ويندا ۽ ٽئين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويندي جنهن سان انساني وجود سخت خطري هيٺ اچي ويندو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو