عالمي برادري غزا ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرائي، او آءِ سي جو مطالبو

رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) طرفان عالمي ڌرين کان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طهٰ عالمي ادارن ۽ شخصيتن کي اسرائيلي جارحيت تي خط لکي ڇڏيا. اهي خط عالمي ڌرين ۽ يو اين سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن کي لکيا ويا آهن. ان کانسواءِ فلسطينين جي صورتحال تي گڏيل قونن جي سيڪريٽري جنرل، يورپي يونين ۾ پرڏيهي پاليسي جي عهديدارن کي به خط لکيا ويا آهن جڏهن ته ريڊ ڪراس جي سربراهه ۽ انساني حقن لاءِ يو اين هاءِ ڪمشنر کي به خط موڪليا ويا آهن. خطن ۾ او آءِ سي فلسطيني عوام لاءِ عالمي تحفظ ۽ فوري امدادي مهم هلائڻ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو