اُبر پاڪستان ۾ پنهنجو آپريشن بند ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آن لائن ٽيڪسي سروس ڪمپني اوبر پاڪستان ۾ پنهنجو آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي.آن لائن ڪيب سروس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته اوبر جي آپريشنل سروس پاڪستان ۾ بند ڪئي وئي آهي، ترجمان چيو اوبر جي ڪريم آن لائن ٽيڪسي ايپ پاڪستان ۾ ڪم ڪندي رهندي،ياد رهي ته ان کان اڳ 2022 ۾ اوبر ڪراچي سميت پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ پنهنجون خدمتون بند ڪري ڇڏيون هيون.اوبر ڪراچي، ملتان، فيصل آباد، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ خدمتون معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو