ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم شمشاد، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي بلال احمد ميمن، ڊي جي ميگا پراجيڪٽس غني شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٽريفڪ مينيجمينٽ، اسٽريٽ لائٽنگ ۽ شهري سهولتن سان لاڳاپيل منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ انهن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته شهر ڀر ۾ 173 وڏين ۽ اهم شاهراهن جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم مرحلن وار شروع ڪيو ويندو، جن ۾ اهم واپاري مرڪزن کي رهائشي علائقن سان ملائيندڙ روڊ پڻ شامل آهن. وزير بلديات هدايت ڪئي ته سڀني منصوبن ۾ معياري مواد جو استعمال ۽ مقرر وقت اندر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي پائيدار سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسٽريٽ لائٽن جي تنصيب ۽ مرمت لاءِ خصوصي منصوبي تي فوري طور ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته متبادل توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شاهراهن تي سولر اسٽريٽ لائٽون پڻ لڳايون وينديون. هن چيو ته بهتر روشني جو نظام نه رڳو شهرين لاءِ سهولت جو باعث بڻجندو پر ڏوهن جي روڪٿام ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ نون ٽريفڪ سگنلن ۽ جديد ٽريفڪ سائن بورڊن جي تنصيب جي به منظوري ڏني وئي. وزير بلديات لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مصروف چوراهن ۽ حادثن جي خدشي وارن هنڌن جي نشاندهي ڪري اتي فوري قدم کنيا وڃن. وڌيڪ اهو ته ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ متبادل روڊن جي تعمير ۽ ڪجهه هنڌن تي روڊن جي ويڪر وڌائڻ جا منصوبا به شروع ڪيا ويندا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته وڏي وزير سنڌ پاڻ به انهن منصوبن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته ڪراچي کي جديد ۽ منظم شهر بڻائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس جي پڄاڻي تي لاڳاپيل عملدارن کي باقاعدي طور پيش رفت جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.










