اهلڪار جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار مارجي ويو

اهلڪار جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار مارجي ويو

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ايس ايس پي ڪليم ملڪ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي ڪارروائي، شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار مارجي ويو، پنجن کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي۔ شڪارپور ۾ پوليس چوڪي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار واري واقعي کان پوءِ پوليس ترت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي مرڪزي جوابدار کي ماريو آهي۔ پوليس موجب گذريل رات پوليس چوڪي تي حملي دوران اهلڪار صغیر سنجراني شهيد ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ڳولا مهم شروع ڪئي وئي۔ ايس ايس پي ڪليم ملڪ جي اڳواڻي ۾ پوليس محمودپور واري علائقي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ڪارروائي ڪئي۔ ڪارروائي دوران اهلڪار صغیر جي قتل ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل خطرناڪ ڌاڙيل الطاف ڪمالاڻي مارجي ويو۔ پوليس موجب مقابلي دوران الطاف ڪمالاڻي جو ڀاءُ، بدنام ڌاڙيل شهزادو ڪمالاڻي سميت پنجن کان وڌيڪ جوابدار زخمي ٿيا۔ پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته علائقي جو گهيرو اڃا تائين جاري آهي ۽ ڀڄي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳولا مهم وڌيڪ تيز ڪئي وئي آهي۔ عملدارن موجب ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر وڌيڪ اهم ڪاميابين جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي۔ ياد رهي ته پوليس چوڪي تي حملي کان پوءِ ضلعي ڀر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن۔ پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد اهلڪار جي رت جو بدلو وٺي ڇڏيو ويو آهي ۽ امن امان جي بحالي تائين مهم جاري رهندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو