اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

پشاور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان بيٽ جي بحالي جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري نه ڪرڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪمن جي باوجود اليڪشن ڪميشن اڃان تائين پي ٽي آءِ کي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عدالت جي چٽن حڪمن جي باوجود ڌريون پي ٽي آءِ لاءِ عام چونڊن دوران رنڊڪون پيدا ڪري رهيون آهن.تحريڪ انصاف درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اهو قدم توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. ان لاءِ سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواست ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو