غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتالن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ موجب، اسرائيل تل الحوا جي علائقي ۾ القدس اسپتال تي وڏي بمباري ڪئي، جتي عملي، مريض ۽ 14 هزار کان وڌيڪ بي گهر ماڻهو موجود آهن.العوده اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته بمباري سبب اسپتال جو عملو زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال جي سهولتن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، اسان کي طبي سهولتون جاري رکڻ ۾ وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.خليجي ميڊيا موجب الشفا جنرل اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن الشفا اسپتال تي اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ٻار سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته نابلس جي اوڀر ۾ اسڪر ڪيمپ ۾ فلسطيني مزاحمت جي ويڙهاڪن جو قابض فوج سان جهيڙو ٿي پيو، قابض اسرائيلي فورسز رام الله جي اتر ۾ الجلازون ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو، مزاحمت ڪندڙن قابض اسرائيلي فورسز تي ڌماڪيدار مادو سان حملو ڪيو، جنهن تي قابض اسرائيلي فوجن فائرنگ ڪئي. فوجين بيت لحم ۾ عداح ڪئمپ تي حملو ڪيو.فلسطيني ميڊيا موجب ڪيترن ئي زخمين کي انڊونيشيا جي اسپتال پهچايو، پر اسرائيلي فوجي جهازن انڊونيشيا جي اسپتال جي ڀرسان به بمباري ڪئي، انڊونيشيا جي اسپتال جي سامهون رهائشي اپارٽمنٽ کي به نشانو بڻايو ويو.
