’افغان طالبان تي ڀروسو آهي، 113اڏامون پاڪستان آيون‘ ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ميجر جنرل افتخار چيو آهي ته  طالبان جي خاطري تي ڀروسو آهي ته ٽ ٽ پي پاڪستان خلاف افغان سرزمين استعمال نه ڪندي. ڀارت جو ڪردار ختم ٿي چڪو، اين ڊي ايس ڀارت سان ملي پاڪستان خلاف ڪاروايون ڪيون. اهڙو اظهار هن راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي حالتن سبب ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي سرحد محفوظ آهي  ۽ سموري اچ وڃ ڪنٽرول هيٺ  آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان مان پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ ٻِين سڀ کان وڏي جاءِ پاڪستان آهي ۽ هن وقت تائين 113 اڏامون فوجي ۽ ڪارگو ٻئي افغانستان کان پاڪستان پهچي چڪيون آهن. پاڪ افغان سرحد تي حالتون معمول تي آهن ۽ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو. افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت خاتمو سڀني جي اميدن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙاڀرندڙ صورتحال، درپيش قومي سلامتي جي مسئلن ۽ ڪنهن قسم جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان سڀني کي خبر آهي، آمريڪا ۽ نيٽو فوج جو انخلا اڳ کان طئي ٿيل هو، پاڪستان اڳ ئي افغانستان سرحد جي تحفظ لاءِ قدم کنيا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سرحد محفوظ ۽ مستحڪم هجڻ جا هاڪاري اثر پاڙيسري ملڪ تي به پوندا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 آگسٽ کان اڳ افغان نيشنل آرمي سان واسطو رکندڙ ڪيترائي فوجي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان ۾ محفوظ رستي جي ڳولا ۾ داخل ٿيا ڇو جو هو ڊنل هئا ته سندن پوسٽن تي طالبان حملو ڪري سگھن ٿا، اسين کين قبول ڪيو۽ فوجي اصولن تحفوظ رستو ڏنو ويو. هن چيو ته داسو، لاهور ۽ ڪوئيٽا وارا واقعا  اين ڊي ايس ۽ را جي ڳٺجوڙ جو  نتيجو هئا، طالبان خاطري ڪرائي آهي ته افغان سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. انتظار ڪرڻو پوندو ته افغانستان ۾  ڪهڙي قسم جي حڪومت ٺهي  ٿي. هيل يوم دفاع “وطن ڪي مٽي  گواهه رهنا” جي عنوان هيٺ  ملهائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو