افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،جسٽس يحيٰ آفريدي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي روڪڻ واري چيمبر اپيل ۾ رجسٽرار جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي،پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر ۽ ٻين پاران افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جي واپسي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي،رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي،جسٽس يحيٰ آفريدي چيمبر ۾ ٻڌڻي هلائي حڪم جاري ڪيا

پهنجو تبصرو موڪليو