افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ برساتن کانپوءِ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 70 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي ويا.برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب افغانستان جي اترين ۽ مرڪزي علائقن ۾ هن هفتي سخت برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي.رپورٽ موجب افغان صوبن غور ۽ فرياب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 70 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو لاپتا آهن.رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 2 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته 4 هزار گهرن کي نقصان پهتو آهي، جنهن سبب شهرين وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.هڪ افغان شهري جو چوڻ هو ته خوفناڪ ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو، اختيارين طرفان مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تان اعلان ٿيڻ بعد مان ۽ منهنجو خاندان گهر ڇڏي محفوظ هنڌ ڏانهن هليا وياسين.صوبي جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ هنگامي حالت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو