مغوي سيشن جج بازياب نه ٿي سگهيو، ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم

مغوي سيشن جج بازياب نه ٿي سگهيو، ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم

ڊيرا اسماعيل (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان روڊ تي بگوال بيس مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي.گذريل ڏينهن ڏکڻ وزيرستان جي سيشن جج شاڪر الله کي اغوا ڪيو ويو هو.مانجهي خيل پوليس اسٽيشن موجب سيشن جج جي بازيابي لاءِ ٽانڪي ۽ ڊيرا پوليس جون ڪوششون جاري آهن.ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ڊي ايس پي) حافظ محمد عدنان ڪالهه ٻڌايو ته هٿياربندن سيشن جج جي ڪار ۽ ڊرائيور کي اتي ئي ڇڏيو هو.گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کي هدايت ڪئي ته هو جج جي بحفاظت بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو