اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي کي اشتهاري جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد شاهه رخ ارجمند پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ لاڳيتو غير حاضر رهڻ تي کيس اشتهاري جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت حڪم ڏنو ته اعظم سواتي جتي نظر اچي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت اعظم سواتي کي ايف آءِ اي جي ٻنهي ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو.










