اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ شادمان ٿاڻي کي ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جيل پوليس جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي سينيٽر اعجاز چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عدالت اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.واضح رهي ته اعجاز چوڌري خلاف شادمان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، کيس 11 مئي تي گلگت بلتستان هائوس مان 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو