اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، انڊيڪس 68 هزار جي حدر پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار جي حد پار ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان ئي مثبت رجحان ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 473 پوائنٽس جي واڌ سان 68 هزار 229 تي پهچي ويو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 2 رپيا 277 رپيا 90 پئسا سستو ٿي ويو آهي.ياد رهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو