اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان مينهن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات جو هلڪي برسات ۽ بوندا باندی ٿي.موسميات کاتي موجب، اڄ کان 7 آگسٽ تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ 6 آگسٽ تي تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ جزوي طور تي ڪڪر واري موسم کان علاوه هلڪي برسات يا بوندا باندی جو امڪان آهي.سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ، تونسا، گڊو ۽ سکر بئراجن تي گهٽ سطح جي ٻوڏ جاري آهي.










