اسرائيل پاران غزه تي زميني حملا تيز ڪرڻ جو اعلان

تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزه ۾ رٿيل زميني آپريشن کان اڳ حملا تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف گڏيل قومن جي ادارن غزه ۾ تباهي واري انساني صورتحال کي خبردار ڪيو آهي.نيوز ايجنسي ”اي ايف پي“ جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان جنرل ڊينيئل هگاري چيو آهي ته اسرائيل هاڻي (غزه) تي بمباري تيز ڪندو ته جيئن زميني حملي دوران پنهنجي فوجين کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي.هن چيو ته اڄ کان حملن کي تيز ڪري رهيا آهيون ۽ خطري کي گهٽائي حملن کي وڌائينداسين. تنهن ڪري، مون غزه شهر جي رهاڪن کي چيو آهي ته هو پنهنجي حفاظت لاءِ ڏکڻ طرف هلندا رهن.

پهنجو تبصرو موڪليو