پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه تي بمباري بند ڪري ۽ فلسطينين جو قتل عام بند ڪري.پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ فرانسيسي صدر حماس پاران اسرائيل تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق آهي پر غزه ۾ شهرين تي اسرائيلي بمباري جو ڪو به جواز ناهي.صدر ميڪرون چيو ته هو اسرائيل تي زور ڏئي ٿو ته غزه تي بمباري بند ڪري، غزه تي حملن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنگبندي مان اسرائيل کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پيرس ۾ ٿيل انساني همدردي جي بنياد تي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سڀني جو واضح خيال هو ته انساني همدردي جي بنياد تي جنگبندي کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي جنهن سان سمورن شهرين کي تحفظ ملي سگهي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فرانس جي صدر جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزه ۾ اڄ جيڪي ظلم ڪيا آهن اهي سڀاڻي پيرس، نيويارڪ ۽ دنيا ۾ ڪٿي به ٿي سگهن ٿا.
