اسرائيل غزه ۾ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه پيو ڪري: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني حقن جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيو آهي.وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته غزه ۾ هن وقت تائين، جيئن توهان ۽ مان ڳالهايون ٿا، انهن کي ڪو به اهڙو واقعو نه مليو آهي جنهن ۾ اسرائيلين عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي هجي.ٻئي طرف آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي ۾ بيان ڏيندي آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن به اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي پردو هٽايو ۽ چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جا ڪي به ثبوت ناهن.هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خوفناڪ هو، آمريڪا اسرائيل کي پنهنجي سلامتي ۽ دفاع ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو