غزهه (ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل سان جنگ بندي ڳالهين لاءِ تيار آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب حماس اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق عرب ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ کانئس اسرائيل سان جنگ بندي بابت سوال ڪيو ويو.حماس جي اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق جنگ بندي بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته حماس اهڙي ڪنهن به ڪوشش ۽ سمورن سياسي ڳالهين لاءِ تيار آهي.
