تل ايب(ويب ڊيسڪ)فلسطيني سرزمين تي قابض اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هو هوائي، سامونڊي ۽ زميني ذريعي غزه تي حملي جي تياري ڪري رهيا آهن.برطانوي خابرو اداري (بي بي سي) موجب هڪ بيان ۾ اسرائيل چيو آهي ته هو ٽنهي رستن (زميني، فضائي ۽ سمنڊ) کان غزه تي حملن جي تياري ڪري رهيو آهي پر ان حوالي سان اڃا تائين ڪو وقت سامهون نه آيو آهي.اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتنياهو پڻ پنهنجي فوجن کي اشارو ڏنو ته جنگ جو ايندڙ مرحلو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل غزه تي زميني حملي جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل اتر غزا ۾ رهندڙ 1.1 ملين فلسطينين کي بي گهر ٿيڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي پر فلسطينين جي وڏي انگ پنهنجي سرزمين ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) فلسطينين کي ڪڍڻ جي اسرائيلي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسپتالن ۾ مريضن کي زبردستي منتقل ڪرڻ موت جي سزا هوندي. ان کان علاوه ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيل جي بربريت جو سلسلو جاري آهي ۽ هو بي گهر ماڻهن تي حملا پڻ ڪري رهيا آهن.
