واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ جنگ بندي جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو.اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي مطالبي کي رد ڪري ٿو.ايلي ڪوهن جو چوڻ آهي ته اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو.ان کان اڳ گڏيل قومن غزه ۾ جنگ بندي جي ٺهراءُ پاس ڪيو، اردن طرفان عرب ملڪن جي گڏيل قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪيو ويو.قرارداد جي حق ۾ 120 ۽ مخالفت ۾ 14 ووٽ آيا جڏهن ته 45 ترميمون شامل ڪيون ويون.
