واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته اسرائيل کي غزه ۾ الشفا اسپتال کي بچائڻو پوندو، ان معاملي تي اسرائيل سان رابطي ۾ آهيون.پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته اميد آهي ته اسپتال جي حوالي سان مداخلت گهٽ ٿيندي.صدر جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته قطر جي مدد سان قيدين جي آزادي واري معاهدي تي ڳالهيون جاري آهن.فلسطيني اختيارين موجب الشفا اسپتال جي محاصري ۽ تيل جي کوٽ سبب 3 ڏينهن ۾ 33 مريض فوت ٿي ويا آهن.ٻئي طرف اسرائيلي بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته حماس غزه جي پٽي تي ڪنٽرول وڃائي چڪي آهي ۽ هاڻي ڏکڻ طرف وڃي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته شهرين کي حماس جا ڍاڪا لٽي رهيا آهن، شهرين جو هاڻي حڪومت تي اعتبار ناهي رهيو.غزه ۾ اسرائيلي فوج جي شهرين تي حملن جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته کيس اهڙا اشارا مليا آهن ته غزه ۾ ٻارن جي اسپتال ۾ يرغمال بڻيل يرغمال بڻيل آهن.
