اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري جو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. طارق منصور ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته قانون ۾ نائب وزيراعظم جي پوسٽ جو ذڪر ناهي، تنهن ڪري اسحاق ڊار جي مقرري غير قانوني آهي. درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ۽ جمعي تي ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو