حڪومتي ڪميٽي رد،فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو، ڌرڻو اوچتو نه ٿيو، ڌرڻي کي مينيج ڪير ڪري رهيو هو ۽ ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته عدالتي فيصلي تي اڄ تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، حڪومت سڌو سڌو چئي ڇڏي ته اسان ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهيون، چيف جسٽس حڪومت جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي کي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر قرار ڏئي ڇڏيو اٽارني جنرل چيو ته 19 آڪٽوبر تي حڪومت فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي، 26 آڪٽوبر تي ڪميٽي جو اجلاس ٿي چڪو آهي، ڪميٽي دفاع واري وزارت وٽ رپورٽ جمع ڪرائيندي، رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪئي ويندي ,چيف جسٽس چيو ته ڪميٽي جي ٽي او آرز جي ذريعي ئي سڀني ماڻهن کي بري ڪيو ويو آهي، ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، عدالتي فيصلي تي اڄ تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو، هڪ صاحب ٻاهران امپورٽ ٿيو ۽ واپس هليو ويو، اربي روپين جو نقصان ٿيو پر سرڪار کي پرواهه نه آهي جسٽس اطهر من الله چيو ته حڪومت انڪوائري ڪميشن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪري جيڪي ان ڪم جا اهل هجن چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪيناڊا مان ماڻهو هتي اچي ڌرڻو هڻن ته ڪير نه پڇندو، ڇا پاڪستاني ڪيناڊا وڃي اهڙا ڌرڻا هڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۾ ڪير به نه ٿو پڇي، چاهي جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ دوبئي هليا وڃو يا ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃو

پهنجو تبصرو موڪليو