ارشاد رانجهاڻي ڪيس،ڌرين کان 3 هفتن ۾ جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي وارثن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ پاران قتل ڪيس ۾ جوابدار رحيم شاهه کي ٻڌايل سزا ۽ فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون،سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻئي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي جوابدار رحيم شاهه ۽ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جوابدارن جي اپيل تي ڌرين کان 3 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.، اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحيم شاهه کي گهٽ سزا ٻڌائي بري ڪري ڇڏيو، رحيم شاهه کي قلم 302 تحت موت جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جي وڪيلن محمد خان شيخ، سيد اسد شاهه ۽ ٻين چيو ته رانجهاڻي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ نئين سر قانوني جنگ شروع ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو

پهنجو تبصرو موڪليو