ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ، رحيم شاهه کي قيد جي سزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دھشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو چئن سالن کانپوءِ ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،عدالت ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاھه عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آھي،ڪيس ۾ ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن ارشاد رانجھاڻي جو قتل ڪيس شاھه لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019 تي داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل آھن

پهنجو تبصرو موڪليو