اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر ارباب غلام الرحيم کي سنڌ جي معاملن بابت پنهنجو خاص معاون مقرر ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ ويب سائيٽ تي به سندس نالو اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. ڪابينا جو تعداد ارڙهين ترميم بعد آئين جي شق 92 موجب پارليامينٽ (قومي اسمبلي ۽ سينيٽ) جي ڪل ميمبرن 444 جو 11 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿو مقرر ڪري سگهجي پر هاڻي ڪابينا جو تعداد 53 ٿي ويو آهي. جيڪو 49 کان وڌيڪ آئين موجب نه هئڻ گهرجي. عمران خان سدئين اپوزيشن دوران ننڍي ڪابينا مقرر ڪرڻ تي زور ڏيندو هو پر هن سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. مونس الاهي کي پاڻي جي وسيلن جو گذريل هفتي وفاقي وزير بنائڻ بعد وفاقي وزيرن و تعداد 28 آهي، 4 مملڪتي وزير آهن، 4 وزيراعظم جا مشير آهن ۽ ارباب رحيم سميت خاص معاونن جو انگ 17 ٿي ويو آهي ۽ سڀ ملائي سندن تعداد 53 بڻجي ٿو. حڪومت چوي ٿي ته خاص معاون ڪابينا جو حصو نه آهن.










