ادارن جي عدالتن تي عدم اعتماد سبب جبري گمشدگيون ٿينديون آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ شاگردن جي گمشدگين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪم ان ڪري ويندو آهي، ڇو ته هي انهن کي سنڀالي نٿا سگهن، ڇا ڪڏهن آءِ ايس آءِ انهن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته گم ٿيل شاگردن جو انگ 16 رهجي ويو آهي، باقي آزاد ٿي ويا آهن.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته رياست کي پاڻ چيڪ اينڊ بيلنس ڪرڻو پوندو، توهان ٽرائل ڪيو، ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو، بلوچستان جا ماڻهو وزارتون به وٺندا آهن پر پنهنجن کي تحفظ نٿا ڏئي سگهن.عدالت اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته توهان بلوچستان ۾ عدالتن کي فعال ڪيو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو چور ۽ ڦورو دنيا جي هر ڪنڊ ۾ موجود آهن، ٻيا ملڪ انهن سڀني معاملن کي اڪلائي ڇڏيندا آهن، اولهه ملڪن ۾ به وڏي قاتل جي به ضمانت ٿي ويندي آهي پر هتي اسان ائين ناهيون ڪندا، توهان اهو سوچيو ته جن جو پيارو گم ٿي وڃي، انهن جي ٻارن تي ڇا گذرندي هوندي.هن ريمارڪس ڏنا ته رياست جي ادارن کي قانون جي پاسداري تي يقين ڪرڻ گهرجي، رياستي ادارا عدالتن تي يقين ناهن ڪندا، تنهن ڪري ماڻهن کي کنيو پيو وڃي، قانون سامهون سڀ جوابده آهن.عدالت ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پريس ڪلب ٻاهران ويٺل ٻنهي ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو