رحيم يار خان: (ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ ٻئي جون حڪومتون نه ڪيرايون وڃن، اختلاف وساري مقابلو ڪندو ته هر مسئلي جو حل نڪري سگهي ٿو، سياسي ڇڪتاڻ سان صرف عوام کي نقصان پهچندو.رحيم يار خان ۾ بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي هڪ دفعو ٻيهر سياسي مفاهمت جو پيغام ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته سياسي نقصان ۾ لڳل رهندو ته انهي سان عوام جو نقصان ٿيندو. انتقامي سياست عوام سان نااصافي ٿيندي. نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڇڏي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي، حڪومت سمورو ڪم گڏيل رضامندي سان ڪري.بلاول ڀٽو چيو ته ماضي ۾ اسان جي وڏن غلطيون ڪيون ۽ پوءِ انهن به ساڳين غلطين مان سکيو، ميثاق جمهوريت کان پوءِ هاڻ اسان هڪ ٻئي جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش نه ڪندا آهيون. حڪومت سمورو ڪم گڏيل رضامندي سان ڪري، اختلاف وساري مسئلن جو مقابلو ڪريو ته اهڙو ڪوبه مسئلو نه آهي جنهن جو حل نه هجي.بلاول ڀٽو ايس آئي يو ٽي منصوبو جاري رهڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ(ن) جي حڪومت هلي ويندي هئي ته انهن جا منصوبا ختم ٿي ويندا هئا، اڄ جيڪڏهن هي منصوبو هلي رهيو آهي ته انهي لاءِ ته پنجاب جي وزيراعليٰ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي آهي.هن جو چوڻ هو ته مريم نواز پهرين عورت وزيراعليٰ جي روايت قائم رکي آهي ته مان به اها روايت قائم رکان ٿو، هڪ ٻئي جون حڪومتون نه ڪيرايون وڃن ته اسان عوام جي لاءِ گهڻو ڪم ڪري سگهون ٿا.










