اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي مبينا آڊيو ليڪ معاملي تي ايف آءِ اي جي جاچ خلاف ڌار ڌار درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بشرا بي بي وڪيل لطيف کوسا ذريعي هڪ الڳ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهم ڪيس اڳ ئي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت 18 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهم ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تي ٿيڻي آهي، ڪيس التوا ۾ هجڻ باوجود ايف آءِ اي 19 سيپٽمبر تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. بشرا بي بي پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي ته جيڪڏهن ايف آءِ اي ڪارروائي جاري رکي ته ان سان درخواستگذار جا حق متاثر ٿيندا، ان ڪري ڪيس التوا ۾ آهي، عدالت ايف آءِ اي جو نوٽيس معطل ڪري.
