اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب جو ڪيس اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ضم ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس ۾ طلبي نوٽيس خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي گهرواري بشرا بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت بشريٰ بي بي جو ڪيس آڊيو ليڪس خلاف داخل درخواست ۾ شامل ڪري ڇڏيو.وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته پوليس ايف آءِ اي کان بشرا بي بي جي آواز جو نمونو وٺڻ لاءِ چيو آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي پوليس جي درخواست تي بشرا بي بي کي سمن جاري ڪيو آهي.عدالت جوابدارن جي طلبي جي حڪم ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
