آڊيو ليڪ ڪيس ۾ گنڊاپور خلاف فرد جرم جي تاريخ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 5 جولاءِ مقرر ڪري ڇڏي.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. جنهن بعد عدالت علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو