آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پيغام مليو ته پوئتي هٽي وڃو: جسٽس بابر ستار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي خط لکيو ويو آهي. ذريعن موجب جسٽس بابر ستار خط ۾ چيو ته آڊيو ليڪس ڪيس ۾ مون کي پيغام ڏنو ويو ته پوئتي هٽي وڃو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس بابر ستار لکيو ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ٽاپ آفيشل جو پيغام مليو ته پوئتي هٽي وڃو، مون کي پيغام ڏنو ويو ته سرويلينس جي طريقي ڪار جي اسڪروٽني کان پوئتي هٽي وڃو. ذريعن موجب جسٽس بابر ستار لکيو ته مان اهڙي ڌمڪي جوڳي حربي تي ڪو ڌيان نه ڏنو، مون کي نه لڳو ته اهڙن پيغامن انصاف جي فراهمي ۾ نقصان جو خطرو پيدا ڪيو هجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ لکيو ويو ته آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڳجهن ۽ جاچ ادارن کي عدالت نوٽيس ڪيا، لاڳاپيل وزارتن، ريگيوليٽري باڊيز، آءِ ايس آءِ، آءِ بي، ايف آءِ اي کي نوٽيس ڪيا، عدالت پي ٽي اي ۽ پيمرا کي به نوٽيس ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو