اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي کي ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشرا بي بي مبينا آڊيو ليڪ جي ايف آءِ اي جاچ خلاف ڌار ڌار درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اهم ڪيس اڳ ئي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ۽ عدالت 18 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بنيادي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تي ٿيندي. ڪيس التوا ۾ هجڻ باوجود ايف آءِ اي 19 سيپٽمبر تي طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۾ بشرا بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري طرفان سردار لطيف کوسا پيش ٿيو. درخواست تي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ايف آءِ اي جا طلبي نوٽيس معطل ڪندي وفاقي جاچ اداري کان جواب طلب ڪري ورتو.
