بئنچ تي اعتراض رد،15 مئي جو پاور شو عدليه جي آزادي تي حملو هو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن ڪيس ۾ ججن خلاف پي ٽي ايم حڪومت جا اعتراض رد ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال 32 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ججن تي اعتراضن جي قانون جي نظر ۾ ڪا به اهميت ناهي.اعتراض واري درخواست بينچ جي ميمبر کي نيڪ نيتيءَ بدران هراسان ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي.عدالت رمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت دير ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا.وفاقي حڪومت مختلف چالبازين ۽ حربن ذريعي عدالتي فيصلن ۾ دير ڪئي ۽ وفاقي حڪومت عدالت کان بيزاري ڏيکاري. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته توهين عدالت جو سلسلو پهرين مارچ 2023 کان شروع ڪيو ويو هو. پهرين مارچ 2023ع کان اسپيڪر جي درخواست کي چار کان ٽن جي اڪثريت سان رد ڪيو ويو. وفاقي حڪومت 4 اپريل جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل جي پويان لڪائي ڇڏي.وفاقي حڪومت جو مقصد صرف پنهنجي بي عمليءَ کي ثابت ڪرڻ هو. ان کان پوءِ پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽ اينڊ آرڊرز ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن کي سپريم ڪورٽ غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اعتراض واري درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد چيف جسٽس آف پاڪستان کي بينچ کان ڌار ڪرڻ هو. وفاقي وزيرن مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. صوبائي اسيمبلين جي چونڊن خلاف ڪيس ۾ وزيرن اشتعال انگيز بيان ڏنا.سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي اهڙي رويي کي وڏي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 15 مئي تي پنجاب اسيمبلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊن جي عدالتي فيصلي کي روڪيو ويو. مظاهري جو هڪ پريشان ڪندڙ پاسو عدالت جي خلاف احتجاج ۾ حڪومتي اتحادين جي حمايت هئي.انهن سڀني ڳالهين جو مقصد عدالت ۽ ججن تي دٻاءُ وجهڻ هو ته هو ڪو فيصلو نه ڪن يا حق ۾ فيصلو ڏين.وفاقي حڪومت جي مدد سان طاقت جو مظاهرو عدليه جي آزادي تي سڌو حملو هو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ۾ عدم تعاون کي برداشت ڪري رهي آهي.عدالتي فيصلي جي نافرماني تي وفاقي حڪومت خلاف ڪا به انضباطي ڪارروائي نه ڪئي وئي. آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين عدالتي فيصلن ۽ ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي. ججن تي حملي جو مثال 15 مئي تي سامهون آيو.عدالت 15 مئي تي اليڪشن ڪميشن جي 4 اپريل واري فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. 4 اپريل تي سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.15 مئي تي حڪومت جي اتحادي پارٽين سپريم ڪورٽ ٻاهران جارحاڻي مظاهرو ڪيو.احتجاجي مظاهري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي سنگين ڌمڪيون ڏنيون ويون.ڌمڪين جو مقصد عدليه تي دٻاءُ وجهڻ هو.

PDM Judgment

پهنجو تبصرو موڪليو