اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي پاران آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح نه ڪرڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو.سپريم ڪورٽ ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي معاملي جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ايڊووڪيٽ ذوالفقار ڀٽي داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي معاملي جي جاچ لاءِ 10 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.درخواست التوا ۾ سرڪاري رازن ۽ آرمي ايڪٽس تي عملدرآمد معطل ڪيو وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر جي بيان کانپوءِ قانون سازي تي سوال اٿاريا پيا وڃن، عوام جي حقن جو سڌو سنئون تعلق آفيشل سيڪريٽس ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ سان آهي.
