اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي آفيسرن جي بدلين جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.نگران حڪومت جي دور ۾ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي آفيسرن جي ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڱاري تائين رپورٽ طلب ڪندي پڇيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي ڪيترا آفيسر بدلي ٿي چڪا آهن. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي بدلين بابت ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته ان بابت به آگاهه ڪيو وڃي ته ڪجهه آفيسرن کي موجوده عهدن تي ڪم جاري رکڻ جو ڇو چيو ويو؟ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ اليڪشن ڪميشن جامع رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جمع ڪرائي.
