لاهور(ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت آشيانه اقبال ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.لاهور جي احتساب عدالت جي جج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جوابدارن خلاف 2018 ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو پر اڄ شهباز شريف سميت 10 جوابدارن کي بري ڪيو ويو.ڪيس مان بري ٿيڻ وارن ۾ فواد حسن فواد، احد چيما، شاهد شفيق، بلال قدوائي، امتياز حيدر، اسرار سعيد ۽ عارف بٽ شامل آهن.سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عدالت اڄ وڪيلن کان مدد طلب ڪئي هئي، جڏهن ته شهباز شريف ۽ ٻين طرفان بريت جون درخواستون داخل ڪيون هيون، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته آشيانه اقبال منصوبي ۾ ڪرپشن جا الزام ڪوڙا آهن.
