عبدالقيوم نيازي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار عبدالقيوم نيازي 33 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، سندن مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو چوڌري لطيف اڪبر 15 ووٽ کنيا. هو اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هو. عبدالقيوم نيازي اصل ۾ گجر آهي نيازي تخلص طور استعمال ڪندو آهي. هو اڳ ۾ مسلم ڪانفرنس جي ٽڪٽ تي ڪامياب ٿيندو رهيو ۽ وزير به رهيو اهي. هو ايل اي 18 منا چونڊ کٽي آيوهو. اڄ صبح وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير لاءِ تحريڪ انصاف پاران عبدالقيوم خان نيازي کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪيو هو. اهڙو اعلان پاقڪستان جي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيل بيان ۾ ڪيو هو. سندس چونڊ مهم دوران عمران خان حيرت ظاهر ڪندي چيو هو ته ڪشمير ۾ نيازي ڪٿان اچي ويا. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ ڪارڪنن جو خيال ڪرڻ وارو ماڻهو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو