آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح واري ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح واري ڪيس ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جنهن دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته آئين کي ايترو ڏکيو نه بڻايو وڃي ته ماڻهو پنهنجون شيون وڃائي ويهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن بابت انفرادي ڪيس نه ٻڌنداسين، آئين جي تشريح بابت ڪيس ٻڌنداسين. چونڊن بابت انفرادي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ٻي بينچ ۾ ٿيندي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته نيب قانون ۾ سزا 10 سال هئي، آئين عوام لاءِ آهي وڪيلن لاءِ ناهي، آئين کي سادو بڻايو وڃي. آئين کي ايترو ڏکيو نه بڻايو وڃي جو عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي، فلسفاتي ڳالهائڻ بدران سادو ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو